عبدالرحيم ناگوري

عبدالرحيم ناگوري

عبدالرحيم ناگوري

عبدالرحيم ناگوري: ڏاڍ، ڏمر ۽ مارشل لا جي خلاف مصوري ڪندڙ مشهور مصور، جيڪو اي. آر. ناگوريءَ جي نالي سان مشهور هو، تنهن 1939ع ۾ جهوناڳڙهه جي هڪ مذهبي گهراڻي ۾ جنم ورتو. پاڪستان ۾ هن 1961ع کان 1965ع تائين فائين آرٽس ۽ آخر ۾ ايم. اي جون ڊگريون پنجاب يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪيون. تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ 66-1965ع ۾ هي پنجاب يونيورسٽيءَ جي فائين آرٽس شعبي جو استاد مقرر ٿيو. 67-1966ع ۾ پاڻ ڪيڊٽ ڪاليج ڪوهاٽ جي فائين آرٽس شعبي جو هيڊ رهيو. 1966ع کان 1970ع تائين پاڪستان ايئرفورس ۾ ايجوڪيشن آفيسر طور خدمتون سرانجام ڏنائين. جنهن کان پوءِ 1985ع کان 1995ع تائين سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري ۾ فائين آرٽس جي شعبي ۾ پروفيسر رهيو.
اي. آر. ناگوري، سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري ۾ فائين آرٽس جي شعبي جو بنياد وجهندڙ ۽ ان شعبي جو پهريون پروفيسر هو. ان کان سواءِ هي نيشنل ڪاليج آف آرٽس جي بي. او. جِي جو ميمبر (86-1983ع)، منسٽري آف ايجوڪيشن اسلام آباد پاران آرٽس ٽيچنگ ٽريننگ ڪاميٽيءَ ۽ ڪيريڪيولم ڪاميٽيءَ جو چيئرمئن (1984ع)، فيڊرل ڪاليج آف آرٽس اينڊ ڊزائين ڄام شوري جو ايڊوائيزر (98-1997ع)، منسٽري آف ڪلچر طرفان پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف دي آرٽس جو ڊائريڪٽر (97-1996ع)، همدرد يونيورسٽي ڪراچيءَ جي ڪاليج شوڪت ثريا ڪاليج آف لبرل آرٽس جي بي. او. جي جو ميمبر رهيو، 1998ع ۾ کيس پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف دي آرٽس، منسٽري آف ڪلچر جي بي. او. ڊي جو ميمبر مقرر ڪيو ويو. اي. آر. ناگوري، سياسي موضوعن تي مصوريءَ جي حوالي سان وڏي مڃتا ماڻي. 1982ع ۾ هن فلسطين جي موضوع تي مصوريءَ جي هڪ نمائش منعقد ڪئي. 1986ع ۾ جنرل ضياءُ الحق جي آمريت جي موضوع تي هڪ نمائش لڳائي، جنهن ۾ کيس وڏي پذيرائي ملي هئي. سندس نمائشن جو وچور هيٺ ڏجي ٿو:
1.مارشل لا خلاف هن 1982ع ۾ پنهنجي مصوريءَ جي نمائش لڳائي هئي، جنهن تي ان وقت جي فوجي سرڪار مٿس پابندي مڙهي ڇڏي.
2. 1983ع ۾ هن پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽ جي تعاون سان اينٽي مارشل لا مصوريءَ جي نمائش ڪئي.
3. 1986ع ۾ ‘روڊ ٽو ڊاڪيومينٽري’ جي عنوان سان انڊس گيلري، ڪراچيءَ ۾ نمائش لڳائي، جنهن ۾ به سندس اينٽي مارشل لا تصويرون رکيون ويون.
4. 1990ع ۾ ‘I am You’ جي عنوان سان جبر، ڏاڍ، زور ۽ زبردستيءَ جي معاملن تي سندس ٺاهيل تصويرن جي نماش لڳائي وئي، جنهن کي ڊيوشي بينڪ (Dutche Bank) اسپانسر ڪيو هو.
5. 1990ع ۾ ئي ‘Women of Myth and Reality’ جي عنوان سان سندس تصويرن جي نمائش، انڊس گيلري ڪراچيءَ ۾ ٿي.
6. 1992ع ۾ چوڪنڊي آرٽ گيلري، ڪراچيءَ ۾ سندس 40 تصويرون نمائش لاءِ پيش ٿيون، جن ۾ سماج جا ڏکوئيندڙ منظر پيش ڪيل هئا.
7. 1994ع ۾ Black Amongst Blacks جي عنوان سان تصويرن جي نمائش لاهور آرٽس گيلريءَ ۾ ٿي.
8. 2004ع ۾ Return to Sphinx جي عنوان سان وي. ايم. آرٽ گيلري، ڪراچيءَ ۾ سندس تصويرن جي نماش ٿي.
هن انگريزيءَ ۾ ڪيترائي مضمون لکيا، جيڪي ڊيلي ڊان ۽ دي اسٽار اخبارن ۾ شايع ٿيا. کيس King of Heart جوخطاب مليل هو. کيس 2011ع ۾ پرائيڊ آف پرفارمنس جو صدارتي اوارڊ ڏنو ويو.
هن نامور مصور 14 جنوري 2011ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي.


لفظ عبدالرحيم ناگوريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو